اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 41 فوتگيون وينٽيل??ٽر?? تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيل??ٽر?? تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، مل??ان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 972، پنجاب ۾ 11 هزار 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 375، اسلام آباد ۾ 3 هزار 682، بلوچس??ان ۾ هڪ هزار 222، گلگت بلتس??ان ۾ 386، آزاد ڪشمير ۾ 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 71 هزار 669 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيل??ٽر?? تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 236 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي.