اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ او??اڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين جون او??اڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين جي ٽيڪس او??اڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين جون او??اڙيون ٿيون آهن جي??ي گذريل سال جي انهي عرصي جي مقاب??ي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن.