سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جي ا??مي?? کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن ??ي زور تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿيو، القادر يونيورسٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجندي، اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرندي، اولهه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مضبوط آهن، ??نه?? جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خانداني نظام ۽ مذهب کان دوري ??نه?? جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي ??نس??ن جي ڪردارسازي ۽ ??نس??ن ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائيندو آهي، ??نه?? جي پارليام??نٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان سيرت النبي ﷺ ۽ صوفي سڳورن ??ي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ٿيندڙ القادر يونيورسٽي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم القادر يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ يونيورسٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم عمران خان پارليام??نٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي ا??مي?? ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعليم جي ا??مي?? کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جهڙي طرح تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان ۾ قوم جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿيو ۽ مال پڙي لڳي، انصاف جي نظام به ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي، ان لاءِ القادر يونيورستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو ??نس??ن ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائي، ??نس??ن کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ان جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن الله ??نس??ن کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ ??نس??ن جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف علم جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين ??نس??ني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو حوالو ڏيندي چيو ته هو يورپ جي دوري کان مصر واپس آيو ته ان چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وزيراعظم چيو ته القادر يونيورسٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين سان برابري پيدا ڪرڻ آهي، القادر يونيورسٽي کي مصر جي الازهر يونيورسٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، نوجوان نسل لاءِ القادر يونيورسٽي رول ماڊل بڻجندي.