اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ ا??ڪي??ن جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ عوام کي انهن غيرقانوني هائوسنگ ا??ڪي??ن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي س??ن خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ منظوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيس??نٽ ۽ لوڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترمي??ون ڪيون ويون آهن.