اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن ??نڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئ??. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن ??ائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن ??ائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ مالي م??د جاري رکڻ واري ??را??ي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي م??يشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.