اسلام آباد – 03 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انص??ف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فرا??مي لاءِ پرعزم آهي.