اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪ??هن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي ج??هن سان حڪومت ۽ مخا??ف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخا??ف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ?? عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ حڪومت مخا??ف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺا??ه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخا??ف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪ??هن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نج?? ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخا??ف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا ج??هن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.