اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي ايثار جي جذبي، قرباني ۽ اڻٽر ارادي تي عمل پيرا ٿي سمورين مشڪلاتن کي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، يوم عاشور جي موقعي تي قومي اسيم??لي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته هي ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ يوم آخرت تي اڻٽر ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، بهادري، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذ??ي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائي?? ياد رکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي ان عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جنهن حق ۽ سچ جي خاطري ڏنيون، هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرباني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي جذ??ي جي هڪ لازوال مثال آهن.