اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضح??ٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضح??ٰ جي موقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورج??ءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان ??ان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضح??ٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آهي. منهنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ ??ان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻ??ن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد ??ان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.