اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان هتي ملاق??ت ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي صورتحال تي کي?? تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تجويزن سان اتفاق تي ان جا ٿ??را مڃيندي چيو ته هڪ لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.