اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر ??لله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر ??فغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لا??ِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالم?? پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لا??ِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريع?? پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻن??ي ملڪن ج?? پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻن??ي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.