اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يق??ني بڻائيندي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي ويندي جيڪي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا ج??هن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿيندو، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريق??ني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ ??هڻ?? پوندو ج??هن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.