اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بيمار قيدي محمد نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪر??، نئين دهلي ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ تشدد، عبادتگاهن جي بي حرمتي تي ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪر?? سميت 10 نقاطي ايجنڊا جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جي روش جو سخت نوٽيس ورتو.