اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي وار?? وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪ??و. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪ??ون ويون. واپار واري وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سط?? تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزي?? شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪ??پنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪ?? ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاق?? وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنه?? وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاق?? وزير جرمن وزير کي واپار وار?? وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.