رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ج?? پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد ??شدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عا??مي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عا??مي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت ??جاگر ڪئي ته جيئن عا??مي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عا??مي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. فرانس جي پرڏيهي وزير غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حالت ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ڌريون عا??مي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏيهي وزير سعودي پرڏيهي وزير سان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عا??مي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.