اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن ??و دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزي??اع??م عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزي??اع??م هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزي??اع??م عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزي??اع??م چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن ??نهن ??نصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.