سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

image

راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آيو آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽارڪٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز