اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتي، ڪانفرنس جي صدارت چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪئي، ڪانفرنس جي دوران پاڪ بحريه جون آپريشنل تياريون موجوده سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٽروپس جي ٽريننگ ۽ ڀلائي بابت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو، چيف آف دي نيول اسٽاف کي پاڪ بحريه جي مختلف جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي، سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.