آءِ ايم ايف جون اڳواٽ شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، اميد آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان حتمي معاهدو ٿي ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

image

انقره – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون اڳواٽ شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، اميد آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان حتمي معاهدو ٿي ويندو، موجوده حڪومت پاڪستان جي عوام ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان بهترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، عمران خان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ترڪيه جي قومي خابرو اداري اناطوليه کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان اڃا به پراميد آهيون ته آءِ ايم ايف پروگرام عمل ۾ ايندو، آءِ ايم ايف پاران اسان جو نائون جائزو سمورين شرطن ۽ ضابطن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ۽ اميد آهي ته اسان کي هن مهيني ڪا سٺي خبر ملندي، اسان سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف جي هر هڪ شرط کي اڳواٽ قدمن طور پورو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن مان ڪجهه قدم عام طور تي بورڊ جي منظوري کانپوءِ ڪيا وڃن ٿا پر هن ڀيري آءِ ايم ايف جي گهرج هئي ته انهن قدمن کي بورڊ جي منظوري کان اڳ پورو ڪيو وڃي، ان جي لاءِ اسان انهن کي پورو ڪيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ هنگامي منصوبي جي حوالي سان شهباز شريف پاڪستاني قوم جي عزم ۽ استقامت تي زور ڏنو، پاڪستان جي عوام ماضي ۾ چئلينجز کي منهن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان پاڻ کي مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اپريل 2022ع ۾ عمران خان کي بي اعتمادي جي ووٽ جي ذريعي اقتدار کان هٽائي قائم ٿي ان وقت کان پاڪستان کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن، اهي مسئلا گذريل حڪومت جي پاليسين، آگسٽ ۾ ايندڙ ٻوڏ ۽ مهانگائي جي ڪري آهن. هن چيو ته پاڪستان اپريل 2022ع ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو ڇو ته ان وقت جي حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي هئي ۽ معيشت تباهي جو شڪار هئي، پوءِ اسان جي ملڪ ۾ آگسٽ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، ان سان گڏ اسان کي عالمي صورتحال جي ڪري تيزي سان وڏندڙ مهانگائي پڻ درپيش آهي. هن زور ڏئي چيو ته سندس حڪومت پاڪستان جي عوام ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان بهترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان چيو ته عمران خان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون منهن ڏيندو. وزيراعظم چيو ته عمران خان پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ هڪ عرصي کان پنهنجي ماڻهن کي پرتشدد ردعمل ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪري رهيو هو، اهو ان جي ٺڳن جو هڪ گروپ آهي، هن رياست پاڪستان جي خلاف انتهائي سنگين قدم جي منصوبابندي ڪئي، هن پنهنجي ماڻهن کي اتساهيو، ان جا بنا ڪنهن شڪ جي ثبوت موجود آهن. شهباز شريف چيو ته عمران خان جي حامين کي عمارتن کي باهه لڳائڻ، ادارن تي حملو ڪرڻ ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جن ماڻهن شهري ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي انهن جي خلاف سويلين قانون تحت ڪيس هلايو ويندو ۽ جن ماڻهن فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ ادارن جي بي حرمتي ڪئي انهن جي خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلايو ويندو. هن واضح ڪيو ته اهو ايڪٽ 1951ع کان لاڳو آهي ۽ فوجي اهلڪارن کانسواءِ اهڙن عام شهرين تي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏي ٿو جن جي ڪجهه ڏوهاري ڪاررواين سان سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح تعلق آهي، ان ايڪٽ تحت هڪ ڀيرو جج پاران سزا ٻڌائڻ کانپوءِ مدعي وٽ ٻه اپيلون هونديون آهن، هو هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ان پوري عمل جو مقصد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر ائين ڪڏهن به نه ٿئي، ڇا ڪو به مهذب ملڪ رياست جي خلاف اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه جي اجازت ڏيندو جيڪو پاڪستان ۾ 9 مئي تي ٿيو؟ وزيراعظم مثال ڏيندي چيو ته جيڪو 6 جنوري 2021ع تي واشنگٽن ۾ ڪيپٽل هل ۾ ٿيو هو، ڇا انهن ڏوهارين تي ڪيس نه پيو هلايو وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون نه پيون ڏنيون وڃن ته جيئن آمريڪا جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي؟ شهباز شريف ترڪيه جي عوام کي صدر رجب طيب اردوان جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪندس، هو هڪ بصيرت وارو اڳواڻ ۽ عوامي خدمت تي يقين رکندڙ پرعزم شخصيت آهي، مون کي اميد آهي ته اسان جا لاڳاپا ڀائيچاري، افهام تفهيم ۽ اقتصادي تعاون جي لحاظ کان تمام وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان جا ٻئي ڀائر ملڪ هڪ روح وانگر آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان مختلف زبانون ڳالهايون ٿا پر اسان سمجهون ٿا ته اسان پنهنجي دل سان ڇا چئي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيندا.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس