سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان گڏجي بدين ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو دورو

image
APP39-02 BADIN: September 02 – Punjab Governor Chaudhry Muhammad Sarwar along with Sindh Governor Imran Ismail addressing to rain affected people during their visit to rain affected areas. APP photo by Akram Ali

ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha