اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان هدايت ڪئي آهي ته اهڙن عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي جن سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ معاشي سرگرمين ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مران خان جي صدارت ۾ ايندڙ مالي سال جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي حوالي سان تجو??ز ڪيل سفارشن تي اجلاس ٿيو.