اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته بلاول ڀٽو ??ڃا لاڙڪاڻي ۾ شڪست جي صدمي مان ٻاهر ناهي آيو، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو بسترو گول آهي، زرداري جي بيماري ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه، حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي سان انهن جو علاج ڪرائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي الزامن جي حوالي سان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جواب ڏيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو ??ڃا تائين لاڙڪاڻي جي شڪست جا زخم برداشت ڪري رهيو ??هي ۽ ان صدمي کان ٻاهر ناهي آيو.