اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ ??ير??انوني طور تي رهندڙ ??ير??لڪين جي انخلا ۽ ??ير??انوني ??ير??لڪي ماڻهن جي واپار ۽ ملڪيتن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ ملڪيتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، لاڳاپيل وفاقي وزير، صوبائي وڏا وزير ۽ قانون لاڳوڪندڙ سمورن سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه هڪ ئي ڇت هيٺ گڏ هئا. ج??ري ڪيل پڌرائي موجب شرڪت ڪندڙن ملڪي داخلي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ته جيئن ممڪن چئلينجز کي پائيدار انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. باوجود سمورين مشڪلاتن جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوام جي اميدن موجب آئين ۽ قانون جي عملد??ري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن ۾ پاڪستان ۾ ??ير??انوني طور رهندڙ ??ير??لڪين جو انخلا، بارڊر تي اچ وڃ جي طريقيڪار کي هڪ دستاويز جي صورت ۾ منظم ڪرڻ (جنهن ۾ بارڊر تان چرپر جي اجازت رڳو پاسپورٽ ۽ ويزا تي ڏني ويندي) ۽ ??ير??انوني ??ير??لڪي ماڻهن جي واپار ۽ پراپرٽي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ شامل آهي. گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ پراپرٽي جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ته جيئن ??ير??انوني سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ملڪيت جو تدارڪ ڪري سگهجي. فورم وڌندڙ ??ير??انوني سرگرمين (بشمول منشيات اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، کاڌي پيتي جي شين ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ، ??ير??انوني رقم جي پهچ ۽ بجلي چوري) تي ج??ري ڪاررواين کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ موثر ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. فورم ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته طاقت جو استعمال رڳو رياست جو دائره اختيار آهي ۽ ڪنهن به شخص يا گروهه کي طاقت جي زبردستي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند گروهه يا تنظيم جي هرگز ڪا جڳهه نه آهي ۽ اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي وئي ته اسلام امن جو دين آهي ۽ رياست ڪنهن کي مذهب جي من پسند تشريح ڪري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادي، اسلام ۽ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي ۽ رياست ان کي يقيني بڻائيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات جي مهم جوئي ڪندڙن کي سائبر قانونن تحت سختي سان منهن ڏنو وڃي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته قانونن جي آگاهي ۽ عملدرآمد جي لاءِ فني طريقيڪار جوڙيا پيا وڃن جيڪي قانون جي پاسد??ري ۽ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکي ٺاهيا پيا وڃن. آخر ۾ فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ج??ري رکيون وينديون.