اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمي?? آهي. سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ ??ي لاءِ هتي ضرور اچن. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمي?? آهي. ڪوهه هماليه، ڪوهه قراقرم ۽ هندوڪش پهاڙي سلسلو وڻندڙ خوبصورتي جو عڪاس آهي. ه?? چيو ته نانگا پربت ۽ ڪي ٽو جي پهاڙين جي دلڪشي پنهنجو مثال پاڻ آهي.