اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو پاڪستان کي تيز ترين تعمير ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو، پ??ڪستان جو معاشي مستقبل سي پيڪ جي جاري منصوبن جي تڪميل س??ن ڳنڍيل آهي، هو آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي چيني ڪمپني گيزوبا سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي خ??اب ڪري رهيو هو. 700 ميگاواٽ جي آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير لاءِ چين جي گيزوبا گروپ سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون