اسلام ??با?? – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هز??ر مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپ??ا ورهائجي چڪا آهن، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي سان جاري آهي، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخو??ست??ن رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگهي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کن??ا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.