اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قو??ي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ 98 سيڪڙو معاملن تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ هو، سواءِ سنڌ جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان هڪ زبان ۽ هم آواز ٿي وزيراعظم جي ان سوچ کي اڳتي وڌايو، سنڌ حڪومت بنا مشاورت جي سڀ کان اڳ لاڪ ڊائون ڪيو ان جي باوجود سنڌ ۾ڪورونا و??ئرس جا تصديق ٿيل ڪيس، ڪورونا و??ئرس جي وينٽيلٽر تي پيل ماڻهو، فوتگيون ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ سمورن صوبن کان وڌيڪ آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي شهرين کي بي يارو مددگار سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، اندرون سنڌ سميت سڄي سنڌ ۾ هر طرف بک، بدحالي، بيروزگاري عروج تي آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياط ئي واحد علاج آهي، حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي به احتياط لاءِ عملي حصيدار بڻجڻو پوندو، عوام حڪومت سان گڏجي ڪورونا و??ئرس کي شڪست ڏيندي. هو پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا و??ئرس سان واڳيل چئلينجز جي حوالي سان قو??ي بيانيو ۽ قو??ي حڪمت عملي جوڙي وئي، ان حڪمت عملي جو محور ۽ مرڪز اه?? آهي ته ڪورونا جي ڦهلاءُ ??ي روڪڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبا حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ کي محدود ڪرڻ جي لاءِ وبا سان واڳيل احتياط کي ڏاهپ ذريعي عوام ۾ باور ڪرايو وڃي ته اه?? مرض ناقابل علاج آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياط ئي واحد علاج آهي.