اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ني?? اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ا?? ايس ايف اهلڪارن پاران مسافرن سان بداخلاقي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم رياض کان پشاور فلائيٽ واقعي جي عبوري رپورٽ ملڻ تي هوابازي ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايئرپورٽ مئنيجر طاهر سڪندر، ڊيوٽي ٽرمينل مئنيجر ظ??ير ۽ ملڪ اڪرم کي فوري طور تي معطل ڪرڻ سميت صورتحال کي پيشيواراڻي ا??داز ۾ منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ضابطي جي ڪارروائي جو ح??م ڏنو آهي.