اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب ??يڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۽ نيب ۾ سڌارا انهن ادارن کي پاڻ ئي ڪرڻا آهن ته اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي، پوءِ پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد ??ڪبر جي ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي تجويز انتهائي اهم آهي ته جيڪڏهن چونڊ سڌارا اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻا آهن ۽ پارليامينٽ جو ڪو ڪردار نه آهي ته پوءِ نيب جي قانون ۾ سڌارا به نيب کي ئي ڪرڻ ڏيو، اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي ڇو ته شهباز شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي.