اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ????ان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قا??ر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد ??اڪ????ان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. ??اڪ??تانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ته ??اڪ????ان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. ??اڪ????ان سدائين ڪشم??ري?? جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ ??اڪ????ان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام سان پنهنجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.