اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سا?? ضروري ??ارروائي ۽ نجڪاري ??ميشن سا?? تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سا?? ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سا?? سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??نجي صدارت ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ??ميشن جي معاملن جي حوالي سا?? اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ??ميشن پاران جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي ش??وع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪيو ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ??ئي ويندي. هن چيو ته سواء?? اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ڪيو ويندو. ان حوالي سا?? وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي ان حوالي سا?? ضروري ??ارروائي ۽ نجڪاري ??ميشن سا?? تعاون جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سا?? سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سا?? ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سا?? سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سا?? بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سا?? اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سا?? پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سا?? ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سا?? گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خساري وارن سرڪاري ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ??ميشن ۾ ماهرن جو پري ??واليفائيڊ پينل مقرر ڪيو پيو وڃي.