ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ايران ??ي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ??يل??فونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان ??لي تعزيت ۽ همدر??يء?? جو اظهار ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران ??ان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪستان ??ي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تند??ست?? ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.