لاڙڪاڻو – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽو خاندان جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي چيئر??رس?? شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي ??ادر چاڙهي ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خ??اني ڪئي. صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پهري?? گهرواريءَ شيرين امير بيگم مرحومه جي قبر تي پڻ حاضري ڀري ۽ قبر تي گلن جي ??ادر چاڙهي. بعد ۾ هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خ??اني ڪئي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ صدر سان گڏ هو.