اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جو شعبو ترقي جون نيون م??زلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپ??ري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان م??جب ملاقات ۾ توانائي و??ري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪي?? ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي واپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چي?? ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري جي لاءِ موزون ترين م??قعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون م??زلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل سالٽ جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌاي?? ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ا??ڪس??ينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.