ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاري??ي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل عرب اما??ات جي انهن هيروز جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب اما??ات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي معاملن واري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان نگرا?? وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگرا?? وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ نگرا?? وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يادگار گڏيل عرب اما??ات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آهي. نگرا?? وزيراعظم وحت الڪرامه جو تفصيلي دورو ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي نگرا?? وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نوٽ ڪيا، جنهن ۾ گڏيل عرب اما??ات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل عرب اما??ات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل عرب اما??ات جي شهيدنجي بهادراڻي قدمن ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.