اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين ويزا ن??ام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگران وزيراعظم کي نئين ويزا ن??ام بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين ويزا ن??ام تحت بزنس مين?? کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گهٽ کان گهٽ دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻ??يو ويو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ ملي. نگران وزيراعظم گهرو وزارت پاران نئين ويزا ن??ام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.