نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ??نٽو گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ??نٽو گروپ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ عالمي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ??نٽو گروپ جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ ملڪ جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليات جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌاتن جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪ??رڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سيڙپڪاري جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم تي ز??ر ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪ??ي ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻائي ٿي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي اهميت تي ز??ر ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ ز??ر ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ??نٽو جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام جي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ??نٽو گروپ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳ??لڻ جي دعوت ڏني. ريو ??نٽو گروپ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳ??لڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.