نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻطرفي تعاون ج?? وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ مل??دو. ٻنهي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي ر??بطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پا??ستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي ر??بطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به مستحڪم اثر پوندو. هن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معا??لن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.