اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وزير ۽ نم??ئندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن ويلٿ“ آهي. ترجمان چيو ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تع??يم?? روزگار ۽ ماحو?? جي ذريعي بهترين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪست??ن پاران کنيل قدمن کي پيش ڪيو، جيڪ?? پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ته نگر??ن پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ روشني وڌي.