پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ?? برازيل ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لُولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم دفاع سميت ٻين معاملن ۾ برازيل جي تعاون ک?? ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي برازيل ۽ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ?? برازيل جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي تجربن مان ??ائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي جديد ٽيڪنالاجي مان ??ائدو کڻڻ چاهيون ٿا. برازيل جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.