??سل??م آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران اسان اتفاق ڪيو آهي ته دنيا کي موسمياتي ??بديلي بابت پنه??جا واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربرا??ي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پنهنجي ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسمياتي ??بديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور وڪالت تي ??يڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان اتفاق ڪيو ته عالمي برادري کي موسمياتي ??نصاف جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وساريندا ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ اڳتي ??چي.