اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آه??، ترجيحي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ آذربائيجان جي ق??ادت سان ڳالهه ٻولهه ڪندس. هڪ ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجان جي دوري تي روانو ٿي رهيو آه??، هي دورو ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسان جي حڪومت جي پاليسي جو حصو آه??. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ آذربائيجان جي ق??ادت سان اهم ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو بنيادي هدف آه??. هن چيو ته اسان جي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ??و ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون.