اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحا?? ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل س??ل مهمند ڊيم جي ??ڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فراهم ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپين جي ??قم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي ??نجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي ??حاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي ??قم فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي ??لاحيت ۾ اضافو ٿيندو.