اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قائد محمد نواز شريف جي مريم نواز سان گڏ سعودي عرب جي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ??ي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته قائدين سعودي پاڪ ڀائراڻن ل??ڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قائد نواز شريف سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.