لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ??ان?? پهلوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري مرحوم ??ان?? پهلوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ??ان?? پهلوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ??ان?? پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ??ان?? پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي ??ان?? پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.