اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان جو جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ري??يف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ??رڪ وزيرن ۽ ع??لد??رن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.