اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين ج?? او??هندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته پاڪستان او??هندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ج?? لاڳاپيل قراردادن ج?? واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چي?? ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن ج?? امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ج??ڪي ٻه رياس??ي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چي?? ته پاڪستان ف??سطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن ج?? گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.