پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پو??يس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صدر اسپتا?? جي مختلف وارڊز ??و دورو ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران و??و وزير محمد اعظم خان به هو. صدر زخمي پو??يس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.