لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊ?? جي التوا جو جواز پيش نٿو ڪر?? سگهجي، اها آئيني ضرورت آهي ۽ يقين آهي ته پاڪستا?? جي عوام، لاڳاپيل ادارا ۽ منظم سياسي پارٽيون آئين ۾ مقرر ڪيل مدي جي اندر چونڊ?? جي انعقاد کي يقيني بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اعليٰ ۽ مقدس آهي ۽ ان کي نظرانداز نه ٿو ڪر?? سگهجي، آئين موجب کيس هر طرح سان غيرجانبدار صدر رهڻو آهي ۽ هو طرزعمل سان لاڳاپيل سمورن معاملن ۾ سدائين آئي?? جي روح جي پيروي ڪندو. صدر چيو ته نگران حڪومت جي روح ا?? جي غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺ?? جي لاءِ برابر جو ميدان فراهم ڪري چونڊون شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي طريقي سان ڪرايون وڃن، نگران حڪومت?? جي قيام ۾ انهي جذبي جي عڪاسي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪيترن ئي نتيجن ۾ دير ٿي ۽ هن ٽيڪنالاجي خاص طور تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين?? جي استعمال تي زور ڏنو ته جيئن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ?? جي انعقاد کي يقيني بڻائ?? سگهجي. صدر وڌيڪ چيو ته هن سياسي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي بار بار چيو آهي ته سياسي ۽ معاشي درجه حرارت کي گهٽ ڪر?? جي سخت ضرورت آهي جيڪا انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سموريون ڌريون ۽ لاڳاپيل ادارا قوم کي درپيش سياسي پولرائيزيشن، معيشت ۽ مهانگائي جهڙن اهم مسئلن تي متفق ٿين. صدر چيو ته عالمي اقتصادي صورتحال ۽ اسا?? جي پنهنجي ڪمزوري?? جي نتيجي ۾ سنگين معاشي صورتحال ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ آءِ ايم ايف پاران لاڳو ڪيل شرطون ماڻه?? جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي تي وڌيڪ دٻاءُ وجه?? سگهن ٿيون، ان ڏس ۾ عوام کي تيار ڪر?? جي لاءِ هڪ م??مل مينڊيٽ رکندڙ حڪومت جي ضرورت آهي. هن چيو ته مشڪلات?? جي باوجود کيس يقين آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ معيشت ٻيهر مضبوط ٿيندي. صدر چيو ته موجوده وزيراعظم سان پنهنجي پهرين ملاقات دوران هن کيس عوامي مفاد ۾ قدم کڻڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن ۾ بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بچت شامل آهي. صدر چيو ته ايوان صدر م??مل طور تي ماحول دوست توانائي تي منتقل ڪيو آهي، ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پلانٽ جي ذريعي پنهنجي سموري توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ان کانسواءِ وڌيڪ توانائي قومي گرڊ کي سپلائي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستا?? جي ايوان صدر کي عالمي سطح تي هڪ ماحول دوست صدارتي آفيس طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اها دنيا جي پهرين گرين پريزيڊينسي آهي. صدر چيو ته پنجاب جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کيس ٻڌايو ته صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪر?? جي حوالي سان آئي?? جي حدن کان ٻاهر ڪو قدم نه کنيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران سياست کان جدا ره?? جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ انهي لاءِ هن سياستدانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان موقعي مان فائدو کڻن، ذميواريون سنڀالين ۽ جمهوري طريقي سان عوام کي درپيش مسئلا حل ڪن. هن چيو ته تاريخ بار بار ثابت ڪيو آهي ته ”مائنس ون“ جو فارمولو ڪڏهن به ڪم ناهي آيو ۽ جيڪي عنصر ان تي ڳالهه ڪري رهيا آهن يا ان تي عمل پيرا آهن اهي ملڪ جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سياستدانن کي توهي?? جي الزام ۾ هٿڪڙيون هڻي انهن جا چهرا لڪائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته اهڙي طرح جو سلوڪ خطرناڪ دهشتگرد يا ڏوهاري سا?? ڪيو وڃي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هنچيو ته ڪنهن به م قبول اڳواڻ کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي، سمورين ڌرين کي اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پيدا ٿيڻ جو خدشو هجي، ان سان عام ماڻه?? جي مشڪلاتن ۽ بدحالي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ارشد شريف جي قتل جو معاملو اڃا تائين حل طلب ڳجهارت آهي. هن چيو ته ڪو صحافي يا شهري ان سلوڪ جو مستحق نه آهي جيڪو انهن کي فراهم ڪيل قانوني ۽ آئيني حق?? جي ابتڙ هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پي ٽي آءِ سان وابستگي دوران هن ٻاهرئين ملڪ مان عطي?? جي منتقلي جي لاءِ هڪ لميٽيڊ لائبليٽي ڪمپني ٺاهڻ جو مشورو ڏنو هو جيڪو رقم جي قانوني منتقلي جو واحد رستو هو. هن چيو ته اهو بلڪل قانوني ۽ عالمي قانون?? جي دائري ۾ آهي ۽ اهڙي طرح جي سمورن عطين کي شفاف ۽ قانوني طريقي سان ورتو وڃي ٿو.