??سل??م آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اومان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير الشيخ ڊاڪٽر محمد عمر احمد المرحون سان هتي ايوان صدر ۾ مل??قات دوران ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ گهرا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائراڻي حصيداري آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تاريخ، ثقافتي ورثي، قدرن، عقيدي، روايتن ۽ جاگرافيائي سان ڳنڍيل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 653 ملين ڊالر آهي، ان کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي، پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ فيري سروس جي امڪانن جو به جائزو وٺڻ گهرجي. صدر چيو ته فيري سروس سان پاڪستاني مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جون شيون وچ اوڀر برآمد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، فيري سروس سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر ان موقعي تي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي وڌندڙ رجحان ۽ ??سل??مو فوبيا جي پرتشدد واقعن ۾ اضافي جو ذڪ?? ڪندي ڀارتي فورسز پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصومڪ شميرين جي خلاف ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ وڌندڙ ??سل??مو فوبيا جو نوٽيس وٺي، عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ت??را?? جي حل ??اء?? پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري.